پرسو ڀڳت

پرسو ڀڳت : سن 1911ع ۾ سيوهڻ تعلقي جي ڳوٺ لاسيءَ ۾ ڄائو. پرسي جو آواز وڻندڙ ۽ نهايت سوز ڀريو هو. ڳائڻ ۽ ڀڳت ٻڌڻ جو شوق ننڍي هوندي کان هئس. سُر ۽ تار جو پختو هو. انهن ڏينهن ۾ بوبڪن ۾ هڪ مسخرو رهندو هو، جنهن جو پرسرام سان جوڙ ٿي ويو، هو مسخري وجهندو هو ۽ پرسرام نچندو هو. پرسي جي جسم ۾ لچڪ هئي ۽ سندس آواز ۾ وڏو ميٺاج هوندو هو. جنهنڪري ماڻهن جون دليون موهي وجهندو هو. مڪمل ڀڳت ٿيڻ کان پوءِ پنهنجن شاگردن سان گڏجي ڀڳت وجهندو هو، کيس اتر سنڌ ۾ پرسو ڀڳت ۽ لاڙ ۾ وري ”ڏٽو ڀڳت“ جي نالي سان سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ جو ڀڳت دوران ڪا به ڪهاڻي کڻي پوري نه ڪندو هو ۽ اڌ ۾ اچي غزل ڪافيون ٻڌائي ڳالهه کي ڦيرو ڏئي ڇڏيندو هو. ورهاڱي کان پوءِ هندستان هليو ويو.


لفظ پرسو ڀڳتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو